سڪندري عبدالرحيم مفتي

سڪندري عبدالرحيم مفتي

عبدالرحيم مفتي سڪندري

عبدالرحيم مفتي سڪندري، : سنڌ جي مايه ناز ۽ برک عالم دين عـلامه مفتـي عبـدالـرحيم سڪـندري ولد الحاج فقير محراب خـان شـر، 27 رمضان المبارڪ 1365هه مطابق پهرين سيپٽمبر 1944ع تي ڳوٺ سيباڻي خان شر لڳ کرڙي تعلقو ٺري ميرواهه، ضلعي خيرپورميرس ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم ڳوٺ مولابخش شر مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ ڇهون ۽ ستون انگريزي رسول پور هاءِ اسڪول ۾ پڙهيو. ناظره قرآن شريف 1955ع ڌاري حافظ غلام قادر وٽ پڙهيو، جنهن بعد 1957ع ۾ کيس سندس ڏاڏي الحاج فقير قادر داد شر جامعه راشديه درگاهه شريف حضرت پير سائين پاڳارا پير ڳوٺ ۾ داخل ڪرايو. 1966ع ڌاري جامعه راشديه مان فارغ التحصيل ٿي دستاربند ٿيو ۽ سيد سڪندر علي شاهه عرف سيد شاهه مردان شاهه (ثاني) ستين پير پاڳاري سان روحاني نسبت سبب ’سڪندري‘ سڏجي ٿو، سندس استاد سنڌ جا برک عالم ۽ بزرگ هئا، جن پنهنجي علمي ۽ روحاني سند جي کيس اجازت ڏني. مفتي صاحب جي سند جو سلسلو ڳڙهي ياسينوي بزرگن کان ٿيندو همايوني ۽ شهدادڪوٽي بزرگن ذريعي شيخ الهند عبدالحق محدث دهلويءَ سان وڃي ملي ٿو. سندس استادن ۾: مفتي محمد صاحبداد خان جمالي، حضرت فقير مفتي محمد صالح مهر، سيد حسين امام اختر، علامه تقدس علي خان قادري بريلوي، علامه ڪريم بخش دايو ۽ حضرت علامه مولانا عبدالصمد ميتلو شامل آهن. عبدالرحيم سڪندريءَ کي 1966ع ۾ درگاهه شريف پيرڳوٺ جي حڪم موجب سندس استاد مفتي محمد صالح مهر شاهپور چاڪر ضلعي سانگهڙ جي غوثيه مسجد ۾ پيش امام مقرر ڪيو. 1967ع ۾ ’صبغة الهديٰ‘ جي نالي سان مفتي صاحب هڪ ديني درسگاهه جو بنياد وڌو، جيڪا ٿوري عرصي ۾ سنڌ جي مشهور ديني درسگاهن ۾ ڳڻجڻ لڳي، جتان ڪيترائي قرآن، حديث، فقه، تفسير ۽ تصوف جي تعليم پرائي. حافظ ۽ عالم تيار ٿي نڪتا. مفتي صاحب هن وقت به لڳاتار ڇائيتاليهن سالن کان مدرسه ’صبغة الهديٰ‘ ۽ ’غوثيه مسجد شاهپور چاڪر‘ ۾ درس و تدريس، وعظ، تصنيف تاليف ۽ فتويٰ نويسيءَ جون ديني خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. 2009ع ۾ جامعه الازهر قاهره جي عالم ڊاڪٽر محمد خالد ثابت پنهنجي ڪتاب ’تاريخ الاحتفال بمولد النبي و مظاهره في العالم‘ ۾ دنيا جي 50 ملڪن جي عالمن جي ديني خدمتن ۽ سيرت پاڪ تي ڪيل ڪم تي روشني وڌي آهي، جن ۾ پاڪستان مان صرف هڪ مفتي عبدالرحيم سڪندريءَ جو نالو ۽ سندس زندگيءَ جو احوال شامل ٿيل آهي ۽ هي ڪتاب قاهره جي دارالمقطم شايع ڪيو آهي.
2011ع ۾ جامعه الازهر قاهره مصر مفتي عبدالرحيم سڪندريءَ جي مدرسي صبغة الهديٰ کي الحاق ڏنو آهي. اهڙيءَ ريت هي مدرسو سنڌ جي اها پهرين ديني درسگاهه آهي، جنهن کي جامعه ازهر مڃتا ڏني آهي. 2012ع ۾ جامعه الازهر جي استاد ڊاڪٽر مصطفيٰ ابو زيد الازهري المالڪيءَ ’الاوائل الازهريه‘ نالي ڪتاب ۾ دنيا جي مشهور حديث جي سَنَدَ واري سلسلي سان مسلم، بخاري ۽ حديث جي ٻين مشهور ڪتابن جي روايت ۾ مفتي عبدالرحيم سڪندريءَ جو نالو ڄاڻيو آهي.
مفتي صاحب جي تصنيفن ۾: (1) تفسير ڪوثر شاهه مردان شاهه (تصحيح ۽ تحقيق)، (2) عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم، (3) سيف سڪندري، (4) سد سڪندري، (5) سيف يزداني، (6) تحفة المومنين، (7) صحبت سپيرين جي، (8) الفتح المبين، (9) اهلسنت جا عقيدا ۽ حضرت روضي ڌڻي جو مسلڪ شامل آهن. هن وقت فتاويٰ سڪندريه، افضليت صديق اڪبر ۽ صحيح بخاريءَ جي سنڌيءَ ۾ جامع شرح لکي رهيو آهي. مفتي صاحب ’سلطان الواعظين‘ ۽ ’مناظر اسلام‘ جي لقب سان سنڌ ۾ مشهور آهي. هي لقب کين سنڌ جي روحاني مشائخن ۽ گادي نشينن ڏنا آهن. مفتي عبدالرحيم سڪندري عربي ڪتابن جو وسيع مطالعو رکي ٿو، جنهن جو مظهر سندس عظيم الشان لائبرري آهي، جنهن ۾ ٽيهه هزار عربيءَ جا ڪتاب موجود آهن. سندس لائبرريءَ ۾ سئو قلمي نسخا پڻ موجود آهن، جن مان وڏو تعداد سنڌ جي عالمن جي تصنيفن جو آهي. ان کان سواءِ عربي، فارسي، سنڌي ۽ اردو ٻولين ۾ قرآن مجيد جا پنجهتر تفسير سندس ڪتبخاني جي زينت آهن. مفتي عبدالرحيم سڪندريءَ جي هڪ نياڻي حافظ قرآن آهي ۽ ٻه فرزند عالم دين آهن، جن مان مفتي نور نبي نعميي سڪندري بهترين عالم ۽ مدرس آهي ۽ ٻيو مفتي حق نبي سڪندري ازهري ’جامعه ازهر‘ مصر جو فارغ التحصيل آهي ۽ علم حديث ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪري رهيو آهي. نوٽ : مفتي عبدالرحيم سڪندري 29 مارچ 2018 تي دل جو دورو پوڻ سبب ڪراچي جي لياقت نيشنل اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1944.09.01  عيسوي

سنڌ جي مايه ناز ۽ برک عالم دين عـلامه مفتـي عبـدالـرحيم سڪـندري ولد الحاج فقير محراب خـان شـر، 27 رمضان المبارڪ 1365هه مطابق پهرين سيپٽمبر 1944ع تي ڳوٺ سيباڻي خان شر لڳ کرڙي تعلقو ٺري ميرواهه، ضلعي خيرپورميرس ۾ جنم ورتو.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حسين بن دلدار علي علامه
حاجي عبدالله مولوي
عبدالوهـاب بلـوچ مولانا
شاهه ولي ٺٽوي سيد
شيخ طيب ٺٽوي
قاضي محمدعلي ڏيٿو مٽياروي
حافظ محمد 1
ادريس محمد مولوي ڊاڪٽر
ترمذي
سيد محمد عابد شاهه جيلاني ثاني
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون